Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
آهي. عرض ڪيو ويو: ڪهڙا مسافر؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اهي جيڪي پنهنجو دين ۽ ايمان بچائڻ لاءِ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ سفر ڪندا رهن، اهي ماڻهو قيامت جي ڏينهن حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ هوندا.[1]
خبر پئي، فتنن جي دور ۾ ايمان بچائڻ جو هڪ ذريعو اهو آهي ته انسان الله جي راهه ۾ سفر ڪندو رهي. * بس نيڪي جي دعوت عام ڪندو رهي. * قرآن ۽ سنت جا احڪام سکندو رهي. * نماز ۽ روزا سکندو رهي. * مسجدن ۾ وقت گذاريندو رهي. * سنتون سکندو ۽ اپنائيندو رهي. * ايئن جيڪو خوش نصيب ڪرڻ وارن ڪمن ۾ لڳل رهندو * نه ڪرڻ وارن ڪمن کان بچندو رهندو * فتنن کان پري رهندو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
الحمدُ لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اَڄوڪي فتنن ڀري دور ۾ ايمان جي حفاظت جو ذهن به ڏيندي آهي ۽ ان جا ذريعا به مهيا ڪندي آهي، الله پاڪ جي فضل سان، دعوتِ اسلامي جا 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهيني جا قافلا مسلسل سفر ڪندا رهندا آهن. انهن مدني قافلن جو مقصد ڇا آهي: مون کي پنهنجي اصلاح ڪرڻي آهي، سنتون سکڻيون آهن، نماز، روزا ۽ ٻيا بنيادي احڪام سکڻا آهن ۽ ساڳئي وقت سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح لاءِ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻي آهي.
اَلحَمۡدُلله! 15 نومبر کان 15 ڊسمبر تائين "ماھِ مدني قافلو" ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. توهان کي التجاء آهي ته سنتون سکڻ لاءِ، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ لاءِ ۽ فتنن کان بچڻ لاءِ توهان به مدني قافلي جا مسافر بڻجي وڃو!اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿي وينديون.