Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
ملڪ الموت حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام آهي.
پوءِ جبرايل اَمين عَلَيهِ السَّلَام حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کي چيو: اي عزرائيل( عَلَيهِ السَّلَام )! هي اڳين پوين جا سردار، محبوبِ ربّ غفار حضرت محمد مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن. هي ٻُڌي ڪري حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام اٿيا، پياري آقا مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڳلي ملڻ جي سعادت ماڻي ۽ محبت ۾ سندن پيشاني چمي ڪري پنهنجي ڀرسان ويهڻ جي درخواست ڪئي. پوءِ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا اِرادو رکو ٿا (يعني منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟) پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هيءَ جيڪا تختي اوهان جي سامهون آهي، هيءَ ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: الله پاڪ سڄي مخلوق جا روح منهنجي قبضي ۾ ڏنا آهن، ان تختي تي انهن جي تفصيل لکيل آهي، ان جي ذريعي مان انهن جو حساب رکندو آهيان.
پياري آقا، محبوبِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: هي ايڏو وڏو وڻ ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: هن وڻ جا پن مخلوق جي تعداد جي برابر آهن. ڪوبه انسان اهڙو ناهي جنهن جي نالي جو پن هن وڻ ۾ نه هجي، جڏهن ڪو بيمار ٿيندو آهي ته ان جي نالي جو پن پيلو ٿي ويندو آهي، ان سان مان ڄاڻي وٺندو آهيان ته فلاڻو شخص بيمار آهي. پوءِ پاڻ هڪ پيالو ڏيکاري ڪري عرض ڪيو: جڏهن پن پيلو ٿيندو آهي ته مان ان پيالي جو پاڻي ان تي ڇڙڪندو آهيان، جيڪڏهن پن پنهنجي اصل رنگت تي اچي وڃي ته مطلب اهو انسان بيماري کان شفاء حاصل ڪندو، جيڪڏهن پن پهرين رنگت تي نه اچي بلڪه ڪارو ٿي وڃي ته مان سمجهندو آهيان ته ان جي موت جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. مان ان پن کي ڏسندو رهندو آهيان، جڏهن اهو پن وڻ مان ڪرندو آهي ته مطلب ته ان جي موت جو وقت اچي ويو آهي، پوءِ جيڪڏهن اهو شخص نيڪ هجي ته مان ان وٽ چڱي شڪل ۽ صورت ۾ ويندو آهيان ۽ ان جو روح قبض ڪري راحت ۽ خوشبو ۾ رکندو آهيان، جيڪڏهن اهو گنهگار هجي ته ان وٽ خوفناڪ شڪل ۾ ويندو آهيان اهو مون کي ڏسي ڪري رڙيون ڪندو آهي: اي ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام