Behtreen Khatakar Kon

Book Name:Behtreen Khatakar Kon

هي وصف بيان فرمايو آهي ته جڏهن انهن کان ڪو گناھ ٿي وڃي ته ان تي اصرار ناهن ڪندا بلڪه توبھ ڪري الله پاڪ جي طرف رجوع ڪندا آهن، جيئن ته سيپارو: 4، سورة آلِ عمران، آيت: 135 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیۡنَ  اِذَا فَعَلُوۡا فَاحِشَۃً اَوۡ ظَلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ ذَکَرُوا  اللّٰہَ  فَاسۡتَغۡفَرُوۡا لِذُنُوۡبِہِمۡ ۪ وَ مَنۡ یَّغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ اِلَّا اللّٰہُ ۪۟ وَ لَمۡ یُصِرُّوۡا عَلٰی مَا فَعَلُوۡا وَ ہُمۡ یَعۡلَمُوۡنَ (۱۳۵)  (سيپارو: 4، سورة آلِ عمران، آيت: 135)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي ماڻهو جو جڏهن ڪنهن بي حيائي کي ڪري وٺن يا پنهنجي جانن تي ظلم ڪري وٺن ته الله کي ياد ڪري پنهنجي گناھن جي معافي گهرن ۽ الله کان سواءِ ڪير گناھن کي معاف ڪري سگهي ٿو ۽ اهي ماڻهو ڄاڻي واڻي پنهنجن بُرن عملن تي اصرار نه ڪن.

   هي آهن الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، جڏهن انهن کان تقاضاءِ بشريت ڪا بُرائي ٿي وڃي، پنهنجي جان تي ظلم ڪري ويهن ته ڇا ڪندا آهن: (1): ذڪرُ الله ڪندا آهن (2): توبھ ۽ اِستغفار ڪندا آهن (3): ۽ پنهنجي ڪيل تي ڄاڻي واڻي ڪري ڄمنداا ناهن.

 ۽ جيڪو ٻانهو هي وصف اپنائي ته ان کي ملندو ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اُولٰٓئِکَ جَزَآؤُہُمۡ مَّغۡفِرَۃٌ مِّنۡ رَّبِّہِمۡ وَ جَنّٰتٌ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ؕ وَ نِعۡمَ اَجۡرُ  الۡعٰمِلِیۡنَ (۱۳۶

(سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: آيت: 136)

ترجمو ڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جو بدلو انهن جي ربّ جي طرف کان بخشش آهي ۽ اهي جنّتون آهن جن جي هيٺيان نهرون جاري آهن. (هي ماڻهو) هميشه انهن (جنّتن) ۾ رهندا ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جو ڪيترو ته سُٺو بدلو آهي.

 سُبْحٰنَ اللہ! ٻانهو توبھ ڪري، پنهنجي ڪيل گناھ تي ڄمي نه بيهي بلڪه شرمنده