Share this link via
Personality Websites!
اهي هستيون آهن جو انهن جي چهري تي سجدن جا نشان ۽ عبادت جو نور نظر ايندو آهي.
الله پاڪ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا هي پاڪيزه وصفَ بيان ڪرڻ کان بعد فرمايو:
ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ فِی الۡاِنۡجِیۡلِ ۚ (پارہ:26،سورۂ فتح:29)
ترجموڪنزالعرفان: هيءَ انهن جي صفت تورات ۾ (لکيل) آهي ۽ انهن جي صفت انجيل ۾ (لکيل) آهي
الله! الله! صحابي سڳورن رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا هي سڀ وصفَ تورات شريف ۾ لکيل آهن ۽ انجيل شريف ۾ به لکيل آهن.
سُبحان الله! معلوم ٿيو: صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم اڃان دنيا ۾ به نه آيا هئا، ان کان پهريان ئي دنيا ۾ انهن جو ذڪرِ خير ٿي رهيو هو، ماڻهو جڏهن تورات شريف جي تلاوت ڪندا هئا، انجيل شريف جي تلاوت ڪندا هئا، ان تلاوت ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو ذڪرِ خيرِ به هوندو هو ۽ ماڻهو ان تي ثواب جي اميد به رکندا هئا. خيال رهي! اڳين آسماني ڪتابن ۾ ماڻهن پنهنجي مرضيءَ جي مطابق تحريف (يعني تبديلي) ڪري ڇڏي هئي، ان ڪري انهن آسماني ڪتابن کي هاڻي پڙهڻ درست نه آهي. البت ماڻهن جي تحريفات جي باوجود انهن ڪتابن ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا تذڪرا موجود هئا.
ہر صحابئ نبی! جنّتی جنّتی سب صحابیات بھی! جنّتی جنّتی
چار یارانِ نبی! جنّتی جنّتی حضرتِ صدیق بھی! جنّتی جنّتی
اور عمر فاروق بھی ! جنّتی جنّتی عثمانِ غنی! جنّتی جنّتی
فاطِمہ اور علی! جنّتی جنّتی
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami