Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
۽ هاڻي به جنت البقيع شريف ۾ آرام فرما آهن.
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه فرمائن ٿا: 1400 هه ۾ مُقدَّر ساٿ ڏنو، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، الحمد لله! ڪم و بيش 2 ڀيرا مديني منوره ۾ حاضري جي سَعادت حاصل رهي. انهيءَ دوران تقريباً روزانو (پير و مرشد) جي آستانه عاليه تي ٿيڻ واري محفلِ نعت ۾ حاضري ڏيندو رهيس، ڪيئي ڀيرا شام جو به آستانه مرشدي تي حاضري نصيب ٿيندي رهي.
جڏهن مدينه طيبه مان رخصت جي جان ڳاريندڙ گھڙي آئي ته مٿي تي غَم جو پهاڙ ٽٽي پيو، بارگاھِ رسالت ۾ سلامِ رخصت عرض ڪرڻ جي لاءِ هليس ته عجيب حالت هئي، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گھٽي جا در و ديوار ۽ ميوا ۽ پن چمندي وڌندو ويس، انهيءَ دوران محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گھٽي جي هڪ خار (يعني ڪنڊي) اک جي پتلي تي پيار سان چهنڊي پاتي جنهن سان هلڪو رت اڀري آيو.
یہ زخم ہے طیبہ کا، یہ سب کو نہیں ملتا کوشش نہ کرے کوئی اس زخم کو سینے کی
بهرحال! مواجهي شريف تي حاضِر ٿي ڪري سلام عرض ڪري روئندو مسجدُ النَّبَوِیِّ الشَّریف مان ٻاهر نڪتس ۽ ڪرندي ٿاٻڙجندي مرشدِ ڪريم جي آستانه عاليه تي حاضر ٿيس ۽ بنا وهاڻي جي مٿو مرشد جي گوڏن تي رکي ڇڏيو روئندي روئندي هڏڪيون بند ٿي ويون، مرشِد (يعني سيدي قطبِ مدينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) انتهائي محبت سان مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيري ڪري ويهاريو ۽ فرمايو: پُٽ! توهان مديني منوره مان وڃي نه اچي رهيا آهيو.
اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه فرمائن ٿا: اُن وقت مون کي پنهنجي ولي ڪامل پير و مرشد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ان جملي جي معنيٰ سمجھ ۾ ڪا نه آئي ڇو ته بظاهر مان وڃي رهيو هيس ۽ مرشد فرمائي رهيا هئا: توهان وڃي نه، اچي رهيا آهيو، پر هاڻي