Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
هنن آيتن جي تفسير ۾ مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: مُجرِم يعني جيڪو ڪافِر آهي يا گنهگار آهي جيڪڏهن هو انهيء حالت ۾ ايمان آڻڻ بغير ۽ توبه ڪرڻ بغير دُنيا مان هليو ويو ته قيامت جي ڏينهن جهنّم جو حقدار ٿيندو، نه ان کي جهنّم ۾ موت ايندو، نه چين سان زِندھ رهي سگھندو جڏهن ته اهو خوش نصيب جيڪو ايمان جي حالت ۾ نيڪيون ڪندي دُنيا مان ويو، ان جي لاءِ بلند درجا آهن، هميشه رهڻ وارا باغ آهن، جنّت جون نهرون آهن، هو خوش نصيب هميشه جنّت ۾ رهندو۔ ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هنن آيتن ۾ ماڻهن جون 2 قسمون ٻڌايون ويون آهن؛ (1): مجرم (2): نيڪو ڪار۔ جيڪو قيامت جي ڏينهن رَبِّ قهار جي بارگاھ ۾ مُجرِم بڻجي پيش ٿيندو، ان جي لاءِ جهنّم آهي جڏهن ته نيڪوڪار جي لاءِ جنّت جون ابدي نعمتون آهن، افسوس! خبر ناهي قيامت جي ڏينهن اسان جو حال ڇا ٿيندو؟ خبر ناهي اسان نجات ماڻينداسين يا گُنَاهن جي سبب عذاب ۾ گرفتار ڪيا وينداسين۔ افسوس! نفس ۽ شيطان اسان تي غالِب آهن، گُنَاھ ڇڏجن نٿا، تَوبه جي طرف دِل مائِل ناهي ٿيندي، جيڪڏهن توبه ڪري وٺون ته استقامت ناهي رهندي افسوس! اسان گنهگارن جو قيامت جي ڏينهن خبر ناهي ڇا ٿيندو؟
ہائے حُسنِ عمل نہیں پلے حشر میں میرا ہو گا کیا یا رَبّ!
گرمیِ حشر، پیاس کی شِدَّت جامِ کوثر مجھے پلا یا رَبّ!
خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یا رَبّ!
میرا نازُک بدن جہنّم سے از طفیلِ رضا بچا یا رَبّ! ([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد