Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

ياد ڪريون ۽ سوچيون ته افسوس! جيڪڏهن گُنَاهن تي پڪڙ ٿي، الله پاڪ مون کان ناراض ٿي ويو ته مان ڇا ڪندس؟ افسوس! عنقريب حضرت ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام ايندا، منهنجو رُوح قبض ڪيو ويندو، پوءِ جلد ئي منهنجا عزيز رشتيدار غسل ڏئي، ڪفن پارائي، جنازي نماز جي ادائيگي کان بعد گھپ اندھيري قبر ۾ پوري ڇڏيندا، اهڙي تنگ جڳھ، اهڙي تنهائي، وحشت ۽ سخت اونداھي ۾ پهريان ڪڏهن ان جو تجربو نه ڪيو هوندو، اڃا موت جون تڪليفون گھٽ به نه ٿيون هونديون ته قبر جي وحشت....! ۽ اها وحشت پري نه ٿي هوندي ته مُنڪر نَڪير ايندا، ها! ها! قبر ۾ امتحان ٿيندو، افسوس! صد افسوس! جيڪڏهن منهنجا گُنَاھ آڏو آيا ۽ مان قبر جي امتحان ۾ ناڪام ٿي پيس ته منهنجو ڇا ٿيندو؟ افسوس! قيامت جي ڏينهن گُنَاهن تي پڪڙ ٿي وئي، خُدانخواسته مون کي جهنّم ۾ وڌو ويو ته منهنجو ڇا ٿيندو...؟ هاءِ! هاءِ! اهي جهنّم جون ڏکوئيندڙ سزائون، اتي جا وڏا وڏا نانگ، بُختي اُٺن جھڙا وڇون، انتهائي تيز باھ جيڪا اندر تائين ساڙي ڇڏيندي، افسوس! جيڪڏهن مون کي معافي نه ملي، شفاعتِ مصطفيٰ کان به محروم رِهجي ويس ۽ مون کي جهنّم ۾ وڌو ويو ته منهنجو ڇا ٿيندو...؟؟

دِل  ہائے   گناہوں  سے  بیزار  نہیں  ہوتا            مَغْلوب  شَہا! نفس  بَدْکار  نہیں  ہوتا

اے ربّ کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ               اچھا   یہ  گناہوں   کا   بیمار  نہیں ہوتا

 گو لاکھ  کروں  کو شش  اِصلاح  نہیں ہو تی                    پاکیزہ  گناہوں  سے  کِردار  نہیں  ہوتا

  یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے         غفلت سے مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا

 ايئن پنهنجي گُنَاهن ۽ قبر و آخرت جي عذابن جو تَصَوُّر ڪريو ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! خوفِ خُدا سان دِليون ڏڪي وينديون ۽ اکين مان لڙڪ وهڻ ئي لڳندا۔

الله پاڪ اسان کي خوفِ خُدا سان روئڻ نصيب فرمائي۔    آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم