• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • رنجشن جا سببَ ۽ علاج arrow icon
    • page 14
    book-logo
    book_icon
    رنجشن جا سببَ ۽ علاج
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تَبسُّم فرمايائون (يعني مُرڪيا)۔ اميرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: ”يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان تي منهنجا ماءُ پيءُ قربان! توهان ڪهڙي سبب مرڪيا؟ ارشاد فرمايائون، منهنجا ٻه امّتي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ گوڏن ڀـر ڪِرندا، هڪ عرض ڪندو، ياالله هن کان مون کي انصاف ڏيار جو هن مون تي ظلم ڪيو هو. الله پاڪ مدعي (يعني دعويٰ ڪرڻ واري) کي فرمائيندو، هاڻي هي ويچارو (يعني جنهن تي دعويٰ ڪئي وئي آهي اهو) ڇا ڪري هن وٽ ته ڪا نيڪي باقي ناهي. مظلوم (يعني دعويٰ ڪرڻ وارو) عرض ڪندو، منهنجا گناھ هن جي ذمي وجهي ڇڏ. ايترو ارشاد فرمائي ڪري سرور ڪائنات شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روئي ڏنو، فرمايائون اهو ڏينهن تمام عظيم ڏينهن هوندو، ڇو ته ان وقت (يعني قيامت جي ڏينهن) هر هڪ هن ڳالھ جو ضرورتمند هوندو ته ان جو بار هلڪو ٿئي. الله پاڪ مظلوم (يعني دعويٰ ڪرڻ واري) کي فرمائيندو ڏس تنهنجي سامهون ڇا آهي؟ اهو عرض ڪندو، اي پروردگار! مان پنهنجي سامهون سون جا وڏا شهر ۽ وڏا وڏا محل ڏسي رهيو آهيان، جيڪي موتين سان سينگاريل آهن، هي شهر ۽ عمده محل ڪهڙي پيغمبر يا صديق يا شهيد جي لاءِ آهن؟ الله پاڪ فرمائيندو: هي ان جي لاءِ آهن جيڪو انهن جي قيمت ادا ڪري. ٻانهو عرض ڪندو ان جي قيمت ڪير ادا ڪري سگهي ٿو؟ الله پاڪ فرمائيندو، تون ادا ڪري سگهين ٿو . اهو عرض ڪندو اهو ڪهڙي طرح؟ الله پاڪ فرمائيندو، هن طرح جو تون پنهنجي ڀاءُ جا حق معاف ڪري ڇڏ. ٻانهو عرض ڪندو، ياالله مان سڀ حق معاف ڪيا. الله پاڪ فرمائيندو: پنهنجي ڀاءُ جو هٿ پڪڙ ۽ ٻئي گڏجي جنّت ۾ هليا وڃو، پوءِ سرڪارِ نامدار، ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، شهنشاھ ابرار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ کان ڊڄو ۽ مخلوق ۾ صلح ڪرايو ڇو ته الله پاڪ به قيامت جي ڏينهن مسلمانن ۾ صلح ڪرائيندو.            (مستدرڪ،۵/۷۹۵،حديث:۸۷۵۸)

    صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!2 ذُوالقَعدَةِ الحَرَام تي صدرُالشريعه، حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مبارَڪ ملهايو ويندو آهي۔ اچو! هن مُناسَبَت سان صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرتِ مُبارَڪه هڪ نظر ۾ ملاحَظه ڪريو....


     

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • ٻه مدني گُل:
    • دُرُود شريف جي فضيلت
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • اَوس ۽ خَزرَج جو داستان
    • جھيڙي جھٽي جي مذمت تي 4 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
    • بي وجهه غصو
    • بي وجهه غُصّي سبب پيدا ٿيندڙ 16 بُرائين جي نشاندهي
    • چغلي
    • چغلي ڇا کي چئبو آهي ؟
    • چغل خوري جون تباهه ڪاريون
    • ڪوڙ
    • چغليءَ بابت 3 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
    • ڪوڙ جي تعريف
    • ڪوڙ جا ڀيانَڪ نتيجا:
    • سچ ڳالهائڻ جا ڏهه فائدا:
    • گار گند
    • غيبت
    • صلح ڪري وٺو
    • الله پاڪ صُلح ڪرائيندو
    • نالو ۽ نسب، ولادت ۽ وصال
    • صلح ڪرڻ بابت مدني گل
    • ايندڙهفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami