Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
اڄ سڄي رات نماز پڙھو توهان کي پتو پئجي ويندو۔ ان وڃي نماز پڙھڻ شروع ڪئي، ٿوڙي ئي دير ۾ ان کي ياد اچي ويو ته فلاڻي هنڌ رقم رکي هئي، ان رقم ڪڍي ورتي، اڳئين ڏينهن امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ اچي عرض ڪيائين: حضور! اوهان جي تدبير سان مون کي رقم ملي وئي، حضرت سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: شيطان کي اهو ڪڏهن پسند هو ته توهان سڄي رات نماز پڙھو، ان ڪري ان جلدي ياد ڏياريائين۔ پر توهان جي لاءِ اهو ئي مناسب رهي ها ته توهان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي سڄي رات نماز پڙھندا رهو ها۔ (الخيرات الحسان،ص ،۷۱)
کسی کی آنکھوں کا تُو ہے تارا کسی کے دل کا بنا سہارا
مگر کسی کے جگر میں آرا امامِ اعظم ابوحنیفہ
سراج تُو ہے بغیر تیرے جو کوئی سمجھے حدیث و قرآں
پھرے بھٹکتا نہ پائے رَستہ امامِ اعظم ابوحنیفہ
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل واقعي مان جتي امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذهانت ثابت ٿئي ٿي، اتي اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته شيطان جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ٻانهو عبادت جي ويجھو نه وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنهن طرح عبادت ۾ مشغول ٿي به وڃي ته ان کي طرح طرح جي وسوسن ۾ مبتلا ڪري عبادت کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ هن حڪايت مان اسان کي اهو به سبق ملي رهيو آهي ته جيڪڏهن وسوسا اچن، عبادت ۾ رغبت حاصل نه ٿئي، خشوع و خضوع نصيب نه ٿئي، طرحين طرحين جا خيال ستائن تڏهن به عبادت کان منهن نه موڙڻ گھرجي بلڪ دل تي جبر ڪندي نفس و شيطان سان وڙهندي پاڻ کي عبادت ۾ ئي مشغول رکڻ گھرجي۔ ياد رکو! عبادت ئي مقصودِ انساني آهي، عبادت ئي روح جي غذا آهي، عبادت ئي قلب کي جِلا بخشڻ جو سبب آهي، عبادت ئي جنت ۾ وٺي