Iman Ki Hifazt

Book Name:Iman Ki Hifazt

کسجي وڃڻ جو شديد خطرو آهي. (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،ص۴۹۵ بتغيرقليل) پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي اڪثريت کي ايمان جي سلامتي جو فڪر ئي ناهي، ها فڪر آهي ته پنهنجي بينڪ بيلنس (Bank Balance) وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي کان دُنيوي برتري حاصل ڪرڻ جي۔ فڪر آهي ته عزّت ۽ شهرت ڪمائڻ جي، حالانڪ اسان مان ڪنهن وٽ اها گارنٽي ناهي ته مرڻ وقت اسان جو ايمان سلامت به رهندو يا نه. مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ گناهن جي نحوست جي سبب اسان جو ايمان برباد ٿي ويو ته ڇا ڪنداسين؟

حضرت سيدُنا ابودرداء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائيندا هئا: خدا جو قسم! ڪو شخص هن ڳالهه تي مطمئن نٿو ٿي سگهي ته مرڻ وقت ان جو ايمان باقي رهندو يا نه! (کیمائے سعادت،پیدا کردن سوء خاتمت،۲/۸۲۵)

ہر دَم اِبلیس پیچھے لگا  ہے     حفظِ ایمان کی اِلتجاء ہے

ہو کرم امنِ روزِ جَزا کی    میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: سڪرات جي وقت شيطان پنهنجي چيلن کي مرڻ واري جي مري ويل رشتيدارن مثال طور والدين، ڀيڻ ڀاءُ ۽ دوستن جي شڪلن ۾ وٺي ايندو آهي. شيطان ان کي چوندو آهي اي فلاڻا تون عنقريب مري ويندين جڏهن ته اسان توکان اڳ موت جو مزو ماڻي چُڪا آهيون تنھنڪري تون (اسلام کي ڇڏي) فُلاڻو دِين اِختيار ڪري وٺ اهو دِين اللہ  تعاليٰ جي بارگاھ ۾ مقبول آهي۔ جيڪڏهن مرڻ وارو ان جي ڳالھ نٿو مڃي ته ان جا ٻيا چيلا ٻين عزيزن جي رُوپ ۾ اچي چوندا آهن: تُون (اسلام کي ڇڏي) فُلاڻو دين اِختيار ڪري وٺ۔ ائين اهو ان کي هر دِين جا عقيدا ياد ڏياريندا آهن۔ ته ان گھڙي جنهن جي قِسمت ۾ حق کان ڦرڻ لکيل هوندو آهي اهو اُن وقت ڀٽڪي ويندو ۽ باطل مذهب اختيار ڪري ڇڏيندو آهي. ( مجموعۃ رسائل الامام الغزالي،ص۵۱۱ ملخصاً)