Book Name:Faizan e Jashan e Wiladat

اَلۡـحَمۡدُ لِلہِ رَبِّ الۡـعٰلَمِیۡنَ وَ الـصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُرۡ سَلِیۡنَ اَمَّا بَـعۡـدُ فَـاَعُوۡذُ بِا للہِ مِنَ الـشَّیۡطٰنِ الرَّ جِیۡمِؕ بِسۡمِ اللہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِؕ

فيضان جشن ولادت

* اَيَّامُ الله (الله جي ڏينهن) کي ياد ڪرڻ جو حڪم قرآن شريف ۾ آهي (پ: 13، ابراهيم: 5 ماخوذا) ۽ اَيَّامُ الله (الله جي ڏينهن) ۾ سڀ کان مقدس ”نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ميلاد جو ڏينهن“ آهي ڇو ته سڀئي ڏينهن هن مبارڪ ڏينهن جي سبب بابرڪت. ٿيا * قرآن ڪريم اسان کي رحمت الٰهي تي خوشي ملهائڻ جو حڪم ڏنو آهي. (پ: 11، يونس: 58) ۽ قرآن ڪريم ئي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي سڀني جهانن جي لاءِ رحمت الهٰي ٻڌايو آهي. (پ 17، الانبياءِ 107) معلوم ٿيو ته جشن ولادت جي خوشي ملهائڻ در اصل قرآن جي حڪم تي عمل ڪرڻ آهي. (اذاقة الانام لمانعي عمل الموندو والقيام، ص 96) * اسان جا پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سومر شريف تي روزو رکي پنهنجي ولادت جو ڏينهن ملهائيندا هئا، جيئن ته حضرت سيِّدنا ابو قتاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: بارگاههِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ سومر جي روزي جي باري ۾ پڇيو ويو ته ارشاد فرمايائون: انهيءَ ڏينهن منهنجي ولادت ٿي ۽ انهيءَ ڏينهن مون تي وحي نازل ٿي. (صحيح مسلم شريف ص 591 حديث 198(1162) * جڏهن ابو لهب مري ويو ته ان جي ڪجهه گهر جي ڀاتين ان کي خواب ۾ بري حال ۾ ڏٺو. پڇا ڪيو: ڇا مليو؟ چيائين: توهان کان جدا ٿي ڪري مون کي ڪو خير نصيب ناهي ٿيو. پوءِ پنهنجي آڱوٺي جي هيٺان موجود سوراخ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو: سواءِ هن جي جو مونکي هن مان پاڻي پياريو ويندو آهي ڇو ته مون ثويبه ٻانهيءَ کي آزاد ڪيو هو. (مصنف عبدارزاق جلد 9 ص 9 الحد يث 16661، عمدة القاري ج 14 ص 44 تحت الحديث 5101) * هن روايت جي تحت سيدنا شيخ عبدالحق محدث دهلوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا: هن واقعي ۾ ميلاد شريف وارن لاءِ وڏي دليل آهي جيڪي تاجدار رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت واري رات ۾ خوشيون ملهائيندا ۽ مال خرچ ڪندا آهنـ يعني ابولهب جيڪو ڪافر هو جڏهن اهو تاجدار نبوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي خبر ٻڌي خوش ٿيڻ ۽ پنهنجي ٻانهي (ثويبه) کي کير پيارڻ جي سبب آزاد ڪرڻ جو بدلو ڏنو ويو ته ان مسلمان جو ڇا حال هوندو جيڪو محبت ۽ خوشين سان ڀريل آهي ۽ مال خرچ ڪري رهيو آهي، پر هي ضروري آهي ته ميلاد شريف جي محفل گانن باجن ۽ موسيقيءَ جي آوازن کان پاڪ هجي. (مدارج النبوة ج 2 ص 19) * جشنِ ولادت ڇا آهي؟ جشنِ ولادت اهو مبارڪ اجتماع آهي جنهن ۾ معتبر ڪتابن مان نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جا فضائل ۽ مُعجزات، سيرت (خصلتون) حالات، زندگي، رضاعت ۽ بعثت جا واقعات بيان ڪيا وڃن. (سبل الهدي الرشاد، الباب الثالث عشر في اقوال العلماء..... الخ، 363،1 ماخوذا) * صَدرُالشريعه مُفتي محمد اَمۡجَد علي اعظمي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: انهن شين (يعني نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جا فضائل ۽ معجزات وغيره) جو ذڪر حديثن ۾ به آهي ۽ قرآن مجيد ۾ به آهي. جيڪڏهن مسلمان پنهنجي محفل ۾ بيان ڪري بلڪه خاص انهن ڳالهين کي بيان ڪرڻ جي لاءِ محفل منعقد ڪري ته هن جي ناجائز ٿيڻ جي ڪو سبب ناهي. هن محفل جي لاءِ ماڻهن کي گهرائڻ ۽ شريڪ ڪرڻ ڀلائيءَ جي طرف سڏڻ آهي، جهڙي طرح وعظ ۽ جلسن جا اعلان ڪيا ويندا آهن. اشتهارات ڇپائي ڪري تقسيم ڪيا ويندا آهن. اخبارن ۾ هن جي متعلق مضمون شائع ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي سبب کان اهي وعظ ۽ جلسا ناجائز ناهين ٿيندا. اهڙي طرح ذڪر پاڪ جي لاءِ سڏڻ ان محفل کي ناجائز ۽ بدعت نٿو چئي سگهجي. (بهار شريعت، 644،4) * جشن ولادت ملهائڻ جو حڪم: ”اهلسنّت جي مذهب ۾ مجلسِ ميلادِ پاڪ افضل ترين مُستحبات ۽ اعلٰي ترين مُسۡتَحۡسَنات (نيڪ ڪمن) مان آهي (الحق المبين، ص 100) جشنِ ولادت ملهائڻ جون فضيلتون ۽ برڪتون: جَشنِ ولادت ملهائڻ وارن کي الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان بيشمار ديني ۽ دنياوي رحمتون ملنديون آهن جيئن ته حضرت سيّدنا امام عبدالرحمٰن ابن جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائين ٿا: جشنِ ولادت تي خوشيءِ ۽ مسرت ڪرڻ وارن جي لاءِ هي خوشي جنّهم کان رڪاوٽ بڻجندي، جيڪو جشنِ ولادت جي خوشي ۾ هڪ درهم خرچ ڪري ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي شفاعت فرمائيندا، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي هڪ درهم جي بدلي ڏهه درهم عطا فرمائيندو. اي امتِ محبوب! توهان جي لاءِ خوشخبري هجي توهان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪثير ڀلائيءَ جا حقدار آهيو. حضرت سيّدنا احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو جشنِ ولادت ملهائڻ وارن کي برڪت، عزت، ڀلائي ۽ فخر ملندو، موتين جو عمامو ۽ سبز جنتي