Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  حضرتِ ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رَحْمَةٌ لِّلْعٰلَمِیْن، شفِیْعُ الْمُذْنِبِیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ دلنشين آهي: لَاتَجْعَلُوْا بُیُوْتَکُمْ قُبُوْرًا وَلَا تَجْعَلُوْا قَبْرِی عِیْدًا يعني پنهنجي گهرن کي قبرستان نه بڻايو ۽ نه ئي منهنجي قبر کي عيد بڻايو وَصَلُّوْا عَلَیَّ فَاِنَّ صَلَاتَکُمْ تَبْلُغُنِیْ حَیْثُ کُنْتُمْ ۽ توهان چاهي ڪٿي به هجو مون تي دُرودِ پاڪ پڙهندا ڪريو، بيشڪ توهان جو دُرود مون تائين پهچندو آهي.

                                        (ابوداؤد ،کتاب المناسک ،باب زیارۃ القبور ،صفحہ:326 ،حدیث:2042)

   مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: پنهنجي گهرن کي قبرستان جيان الله پاڪ جي ذڪر کان خالي نه رکو بلڪه فرض مسجدن ۾ ادا ڪيو ۽ نوافل گهر ۾. (۽) جيئن عيد گاھ سال ۾ صرف 2 ڀيرا ويندا آهيون ائين منهنجي مزار تي نه اچو بلڪ اڪثر حاضري ڏيندا ڪيو يا جيئن عيد جي ڏينهن راند روند جي لاءِ ميلن تي ويندا آهيون ائين توهان منهنجي روضي تي بي ادبي سان نه ايندا ڪيو بلڪه اَدب سان رهندا ڪيو. (مرآۃ المناجیح،جلد:2 ،صفحہ:101۔)

اَعلیٰ سے اعلیٰ رِفعت والے    بالا سے بالا عظمت والے

سب سے بَر ترَ عزت والے     صَلَّی اللہ  صَلَّی اللہ

صَلَّی اللہ عَلَیْکَ وَسَلَّم                     صَلَّی         اللہ              صَلَّی          اللہ([1]


 

 



[1]...سامانِ بخشش،صفحہ:97۔