Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي؛ جيڪو ٻانهو گُنَاهن تي شرمسار ٿئي ۽ الله پاڪ جي طرف رُجُوع ڪري، تَوبه ڪري، پنهنجي گُنَاهن جي مُعَافي گھري ته الله پاڪ ان جي توبه قبول فرمائي بخشش و مغفرت سان نوازيندو آهي۔ جڏهن ته اهو بدبخت جيڪو گُنَاهن تي قائم آهي، نافرمانين تي شرمسار ناهي ٿيندو، توبه ناهي ڪندو، پنهنجي رَبِّ ڪريم جي دَر تي ناهي جهڪندو، ايستائين جو گُنَاھ ان کي پنهنجي وڪڙ ۾ وڪوڙي ڇڏين ٿا، ان تي بدبختي غالب ايندي آهي، اهڙي شخص جو انجام جهنّم آهي۔

بڑی کوششیں کیں گنہ چھوڑنے کی       رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی!

مجھے سچّی توبہ کی توفیق دیدے         پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!

سدا کے لئے ہو جا راضِی خدایا         ہمیشہ  ہو  لطف  و  کرم  یااِلٰہی!([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قبر جي وحشت کان بچائڻ وارا 8 ڪم

فَقِيه اَبُواللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو قبر جي تنهائي ۽ گھبراهٽ کان بچڻ چاهي ٿو، ان کي گھرجي ته 4 ڪم اختيار ڪري ۽ 4 ڪمن کان پاسو ڪري۔ جيڪو به ايئن ڪندو اهو قبر جي تنهائي ۽ گھبراهٽ کان بچي ويندو۔

4 ڪم جن کي اختيار ڪرڻو آهي: 1:نماز 2:صدقو 3: تلاوتِ قرآن 4: ذِڪرُ الله جي ڪثرت، انهن 4 نيڪ اَعمَال جي برڪت سان قبر روشن ۽ ڪشادي ٿيندي آهي۔

4 ڪم جن کان بچڻو آهي: 1: ڪوڙ 2:خيانت 3:چغلي 4:پيشاب جا ڇنڊا۔([2])


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:110۔

[2]... تنبیہ الغافلین،صفحہ:19۔