Book Name:Nigah e Ghous Azam

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف

(ترجمو:مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف جي معني آھي: مون سنّت اعتڪاف جي نيّت ڪئي۔ نيّت دل جي ارادي کي چئبو آھي، جڏهن به مسجد ۾ حاضر ٿيو، ھر ڀيري دل ۾ ارادو رکي عربي، سنڌي يا ڪنھن به ٻولي ۾ اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺڻ گھرجي۔ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِيْم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفلي اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره ڪم شرعاً جائز ناهن، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

درودِ پاڪ جي فضيلت

صحابيءِ رسول حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللّٰهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته صبح جي وقت الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نور واري چهري تي خوشي جا آثار هئا، صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: الله پاڪ پيغام موڪليو آهي ته: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم!