Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

اعلٰي حضرت جا اعلٰي اخلاق

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو،  ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)

سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي پڙهيل دُ رُودِ پاڪ ڪم اچي ويو

حضرتِ سيدُنا عبدُالله بن عُمَر رَضِىَ اللّٰهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي: قِيامت جي ڏينهن حضرت سَيدُنا آدم صَفِي الله عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلامعرش جي ويجھو ڪشادي ميدان ۾ موجود هوندا، سندن بدن تي ٻه ساوا ڪپڙا هوندا، پنهنجي اولاد مان هر ان شخض کي ڏسي رهيا هوندا جيڪو جنَّت ۾ وڃي رهيو هوندو ۽ پنهنجي اَولاد مان ان کي به ڏسي رهيا هوندا جيڪو دَوزَخ ۾ وڃي رهيو هوندو۔ انهيء دوران حضرت آدمعَلَيۡهِ السَّلام رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ اُمَّتِي کي دَوزَخ ۾ ويندو ڏسندا۔ سَيدُنا آدم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلام پڪاريندا، يا احمد! يا احمد! حُضُور