Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz

اجتماع يومِ غريب نواز ۾ ٿيڻ وارو بيان

خواجه غريب نواز

هن بيان ۾ اوهان ڄاڻي سگهندؤ

٭   خواجه غريب نواز جي مختصر سيرت ۽ ڪردار

٭   خواجه غريب نواز جي پنهنجي پير و مرشد جي خدمت

٭   اڪابرن جو پنهنجي پير و مرشد جي خدمت جو اندز

٭   ڪامل مرشد ڪير؟ ۽ ڪامل مريد ڪير؟

٭   پير و مرشد جون شرطون  ۽ اهميت

٭   عورتن جو پير جي هٿ تي هٿ رکي بيعت ٿيڻ جو شرعي حڪم

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پيشڪش

مجلس اَلۡمَدينةُ الۡعِلميه

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

خواجه غريب نواز

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو،  ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ