Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

                هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

صديق  لاءِ   آهي خدا   ۽  رسول فقط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

درود پاڪ جي فضيلت

      حضرت سَيدُنا اِبنِ وَهب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها جي خِدمَت ۾ حضرت سَيدُنا ڪعب رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه حاضِر ٿيا۔ ماڻهن رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو تذڪرو ڪيو ته حضرت سَيدُنا ڪعب رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه فرمايو: هر روز ستَّر (70) هزار ملائڪ لهندا آهن جيڪي رسُولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قَبر شريف جي چوڌاري اچي پنهنجا پَر وڇائيندا آهن ۽ رسولِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرُود شريف پڙھندا رهندا آهن، ايستائين جو جڏهن شام ٿيندي ڏسندا آهن ته هو (آسمانن ڏانهن) چڙھي ويندا آهن ۽ انهن جيان (ٻيا ملائڪ) لهندا آهن، اهي به ائين ئي ڪندا آهن، ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن (جي جُھرمٽ) ۾ نڪرندا جيڪي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي (بارگاھ رب العزت ۾) پهچائيندا۔( مشکاۃ،کتاب احوال القیامۃ وبدء الخلق،باب الکرامات، ۲/۴۰۱ ،حدیث: ۵۹۵۵)

بَيان ڪيل حديثِ پاڪ جي حوالي سان مفسرِ قرآن حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خيال رهي ته هميشه سمورا ملائڪ ئي حُضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي دُرُود موڪليندا آهن پر هي ستر (70) هزار ملائڪ اهي آهن جن کي سڄي عمر ۾ هڪ ڀيري درٻار جي حاضري جي اجازت هوندي آهي،