Book Name:Be Misal Auratain

آهي ۽ جيڪڏهن هي شخص پنهنجي پوڙھي والدين جي لاءِ رزق جي ڳولا ۾ نڪتو آهي ته به هي الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن هي پنهنجي پاڪدامني جي لاءِ رزق جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته به هي الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن هي ڏيکاءُ ۽ فخر جي لاءِ نڪتو آهي ته هي شيطان جي راھ ۾ آهي۔ (التر غیب والترھیب،کتاب النکاح، باب التر غیب فی النفقۃ ، ۳/۴۲، حدیث:۱۰)

4۔   حضرت سيدُنا سعد رَضِى الله عَنْه عرض ڪيو: يارسول الله! اوهان دُعا ڪيو ته الله پاڪ منهنجي دُعا قبول ڪري،  ته قاسمِ نعمت، نبي رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان کي ارشاد فرمايو: ياسَعْد!اَطِبْ مَطْعَمَکَ تَکُنْ مُسْتَجَابَ الدَّعْوَة يعني پنهنجي کاڌي کي پاڪيزه بڻايو توهان جون دُعائون قبول ٿينديون۔ (معجم اوسط،۵/۳۴، حدیث:۶۴۹۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪجهه  بي مثال عورتن جو تذڪرو

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اسان بي مثال عورتن جو تذڪرو ٻڌي رهييون آهيون۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن امت جون سڀ کان وڏيون بي مثال عورتون ازواجِ مطهرات آهن، يعني اسان جي آقا، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ گھر واريون، انهن جي بي مثاليءَ جو عالم اهو آهي جو اهي امت جي سڀني عورتن جي لاءِ عملي نمونو يعني رول ماڊل آهن۔

اُمَّهاتُ المؤمنين جو ذڪرِ خير

انهن ۾ حضرت بي بي خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها پڻ آهن، جن پنهنجو سمورو مال دينِ اسلام جي سر بلندي جي لاءِ خرچ ڪري ڇڏيو ۽ هر طرح جي مشڪلاتن تي صبر ڪندي نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ساٿ ڏنو۔ جن سان آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بي پناھ محبت ڪندا هئا، ۽ انهيءَ مان خاتونِ جنت حضرت بي بي فاطمه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها جي پيدائش ٿي۔