Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي گھر ماني جي دعوت ڏني، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان پُرخُلُوص دعوت کي قُبُول ڪيو ۽ پاڻ مقرر ڏينهن تي ان صحابي وٽ ويا، مان به پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ ان دعوت ۾ موجود هئس، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خاطر تواضع جي لاءِ جَو جي ماني ۽ ٻوڙ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ڪدُّو ۽ خشڪ ڪيل نمڪين گوشت هو، کائڻ جي دوران مون حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ته پاڻ پيالي جي ڪنارن مان ڪدّو جا ٽڪرا تلاش ڪري رهيا آهن، حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا جڏهن مون ڏٺو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪدُّو کي ايترو پسند فرمائن ٿا، انهيء ڏينهن کان مان پاڻ به ڪدو کي پسند ڪرڻ لڳس۔ (بخاري،ڪتاب الاطعمة، باب المرق ، ۳/۵۳۷، حديث۵۴۳۶)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن واقعي مان معلوم ٿيو ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رضَىَ اللهُ عَنْهُم اَجمَعِين جي دلجوئي جي لاءِ انهن جي دعوت قبول ڪندا هئا، دعوت ڏيڻ وارو مالدار هجي يا نادار، امير هجي يا غريب، بزنس مين هجي يا مزدور، ۽ نه صرف دعوت قبول فرمائي پاڻ ان وٽ ويندا هئا بلڪ گھروارا جيڪو ڪجھ سندن اڳيان پيش ڪندا هئا پاڻ ڪنهن ناگواري جو اظهار ڪرڻ بغير ان کي کائيندا هئا، هن واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته ڪدو شريف پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انتهائي پسنديده سبزي هئي ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  وڏي شوق سان ڪدو شريف کائيندا هئا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه سچ ڳالهائيندا ها

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون وڌيڪ پياريون ادائون ٻڌون ٿيون ۽ انهن ادائن کي ٻڌي اسان به ڪوشش ڪريون ته پنهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن کي اپنايون۔

      پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري ادائن مان هڪ ادا سچ ڳالهائڻ به آهي، اُمُّ الْمُؤْمِنِين حضرتِ عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ”ڪوڙ کان وڌيڪ ڪا