Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

بلڪل ئي ڇڏي ڏينديون آهيون، ڪڏهن بد نگاهي ڪنديون ٿيون ته ڪڏهن رشتيدارن ۽ دوستياڻن جي ڳالهين جي ڪري دلبرداشته ٿي سنتون ڇڏي ڏينديون آهيون ۽ ائين سوچينديون آهيون ته جيڪڏهن مون سُنَّتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ته منهنجا گھر وارا ۽ سهيليون ڇا چونديون؟   جيڪڏهن مان دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي ويس ته منهنجون سهيليون  ڇا چونديون؟ جيڪڏهن مون قرآنِ ڪريم پڙھڻ يا سکڻ شروع ڪري ڇڏيو ته منهنجون سهيليون ڇا سوچينديون؟ مطلب ته اسان سهيلن، گھر وارن ۽ ٻين رشتيدارن جي ڪري نيڪ عمل ۾ سستي ڪنديون ۽ سنتن کي ڇڏيندي نظر اينديون آهيون۔

   ياد رکو! جيڪڏهن اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيون ٿيون، جيڪڏهن اسان جهنم جي عذاب کان بچي ربِّ ڪريم جي رِضا ماڻڻ چاهيون ٿيون، جيڪڏهن اسان حضورنبي رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت ماڻڻ چاهيون ٿيون، جيڪڏهن اسان جنت جي ابدي نعمتن جون حقدار ٿيڻ چاهيون ٿيون، جيڪڏهن اسان جنت ۾ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قُرب ماڻڻ چاهيون ٿيون، ته ان جي لاءِ اسان کي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري صحابه ۽ صحابيات رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي نقشِ قدم تي هلڻو پوندو ڇوته انهن مقدس هستين جو پائڻ وڇائڻ، سمهڻ جاڳڻ، کائڻ پيئڻ مطلب ته هر نيڪ ۽ جائز ڪم سنتِ رسول جي مطابق هوندو هو، اهي حضرات ڪهڙي طرح مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن کي پنهنجي زندگي ۾ اپنائيندا ها اچو هن باري ۾ هڪ نهايت ئي پيارو واقعو ٻڌون ٿيون:

محبوب جي ادا سان محبت

مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”صحابه ڪرام جو عشقِ رسول“ جي صفحي 27 تي آهي ته حضرت اَنَس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيان فرمائن ٿا ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحابه رَضِىَ اللهُ عَنْهُم اَجْمَعِينْ مان هڪ صحابي جيڪو درزي هو، انهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ