Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

ٿيا۔ پهريون نڪتو اهو ته دستر خوان تي ڪريل ٽڪرا کائڻ جي برڪت سان رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ رزق جي تنگي کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي، پر افسوس! اڄڪلھ اسان جي گھرن ۾ انتهائي بي حِسي سان رِزق جي ناقدري ۽ بي حُرمتي ڪئي ويندي آهي، چانھ، پاڻي، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ شربت وغيره پيئڻ ۽ کاڌو کائڻ کان پوءِ ٿانوء ۾ ٿورو ڇڏيو ويندو آهي جنهن کي اڄڪلھ شايد فيشن سمجھيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان بچيل رزق کي گندي نالين ۾ اڇلايو ويندو آهي۔

   اميرِاهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرت علاّمه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رَضَوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اڄڪلھ انتهائي بي حسي سان ٿيندڙ رزق جي ناقدري ۽ بي حُرمتي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: اڄڪلھ رِزق جي بي قَدري ۽ بي حُرمتي کان ڪهڙو گھر خالي آهي، بنگلي ۾ رهڻ وارن اَرَب پَتي کان وٺي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ وارن مزدورن تائين رزق ۾ بي احتياطي جو شڪار نظر اچن ٿا، شادي ۾ طرح طرح جي کاڌن جي ضايع ٿيڻ کان وٺي گھرن ۾ٿانؤ ڌوئڻ وقت جهڙي نموني ٻوڙ جو شوربو، چانور ۽ ان جا اجزا وهائي مَعَاذَ اللّٰه نالي جي حوالي ڪيا ويندا آهن، جنهن سان اسان سڀ واقف آهيون، ڪاش اسان ۾ به کاڌو ضايع ڪرڻ کان بچڻ جو جذبو پيدا ٿي وڃي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ماڻهو ڇا چوندا!

ٻيو نڪتو اهو مليو ته اسان جا بُزرگ سڳورا سنتن سان ايتري قدر محبت ڪندا هئا جو اهي سُنَّتن تي عمل ڪرڻ جي معاملي ۾ دنيا جي وڏي کان وڏي امير، رئيس، بادشاھ، وزير ۽ ڪنهن وڏي عهدي واري جي پروا نه ڪندا هئا، پر افسوس! اڄڪلھ سُنّتون ته رهيون پري اسان فرض ۽ واجبات ۾ ڪوتاهي ڪنديون آهيون، ڪڏهن نمازون ٽائيم تي ناهيون  پڙهنديون ته ڪڏهن نمازون