Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

۱۷/۴۱۹ بتغير)

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اها آهي سچي محبت ۽ ڪامل اطاعت ۽ فرمانبرداري جو سرڪار مدينه جي حڪم تي ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائون ڄڻ ته الله جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وات مُبارَڪ مان نڪرندڙ لفظ انهن جي لاءِ سڀ ڪجھ هوندا هئا، ان جي علاوه به آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن ۽ فرمانن تي عمل جو تمام گھڻو جذبو رکڻ وارن عاشقانِ رسول جا کوڙ سارا واقعا آهن۔ جيئن

سُنّت تي عمل جي برڪت

  اَميرِاَهلسنّت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي مايه ناز ڪتاب فيضانِ سُنّت جلد اَوّل جي صفحي نمبر 263 تي هڪ واقعو نقل ڪندي فرمائن ٿا: زبردست محدّث حضرت سيّدنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بغداد جي خليفي مامون رشيد پاڻ وٽ دعوت تي گهرايو، کاڌي جي آخر ۾ کاڌي جا جيڪي ذرا وغيره ڪِري پيا هئا، اهي محدّث حضرتِ سيّدنا هُدۡبه بن خالد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چونڊي چونڊي ڪري کائڻ لڳا،خليفهءِ بغداد مامون رشيد حيران ٿي ڪري چيو، اي شيخ! ڇا توهان جو اڃا تائين پيٽ ناهي ڀريو؟ فرمايائون ڇو نه! دراصل ڳالهه هي آهي جو مون کي حضرت سيّدُنا حمّاد بن سلمه رَضِىَ اللهُ عَـنْه هڪ حديث بيان فرمائي آهي ته ”جيڪو شخص دسترخوان تي ڪِريل ذرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائيندو اهو تنگدستي کان بي خوف ٿي ويندو.“ (اتحاف السادةالمتقین،الباب الاول،۵/۵۹۷) مان انهيءَ حديثِ پاڪ تي عمل ڪري رهيو آهيان، اهو ٻُڌي ڪري مامون بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي هڪ خادم ڏانهن اشارو ڪيائين ته هو هڪ هزار دينار رومال ۾ ٻَڌي ڪري کڻي آيو، مامون ان کي حضرت سيّدُنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذراني طور پيش ڪيو، حضرت سيّدُنا هُدبه بن خالد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْه فرمايو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه حديث مبارڪ تي عمل جي هٿوهٿ برڪت ظاهر ٿي وئي. (ثمراتُ الاوراق، ۱/۸)

رزق جي قدر ڪريو

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  بيان ڪيل واقعي مان ٻه اهم نڪتا حاصل