Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

هجي، جيڪڏهن اسان جو جيئڻ، مرڻ، سمهڻ، جاڳڻ، حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي نقشِ قدم تي ٿي وڃي ته اهي سمورا ڪم عبادت بڻجي ويندا۔ (نور العرفان، پ۲۱، الاحزاب، تحت الآية:۲۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سنتن تي عمل ڪرڻ جون برڪتون

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اها حقيقت آهي ته جيڪي ماڻهو اٿڻ، ويهڻ، هلڻ، ڦرڻ، سمهڻ جاڳڻ، کائڻ پيئڻ، ۽ گفتگو ڪرڻ ۾ پياري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنَّتن کي اپنائن ٿا ته ربِّ ڪريم جون رحمتون انهن تي ڇماڇم وسن ٿيون، ڇوته ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ربِّ ڪريم جي رضا نصيب ٿيندي آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن جو شمار ربِّ ڪريم جي پسنديده ٻانهن ۾ ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي خوفِ خُدا نصيب ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي فڪرِ آخرت جو ذهن نصيب ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي حقيقي محبتِ رسول نصيب ٿيندي آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ڪيئي شهيدن جو اجروثواب حاصل ٿيندو آهي، ٭ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابيون نصيب ٿينديون آهن، ٭ سنتن تي عمل ڪرڻ وارن کي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي جي خُوشنودي ۽ قُرب حاصل ٿيندو آهي۔ اچو! سُنَّتن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

سنّت تي عمل جي برڪت سان بخشش ٿي وئي

      حضرت علي بن حُسين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت هِبَةُ الله طَبَري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خواب ۾ ڏسي پڇا ڪيائون: مَا فَعَلَ الله بِڪ يعني الله ڪريم اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ حضرت هِبَةُ الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جواب ڏنو: الله ڪريم منهنجي بخشش فرمائي ڇڏي۔ عرض ڪيو ويو: ڪهڙي سبب؟ ته انهن رازداري واري انداز ۾ فرمايو: سُنّتِ مُبارڪ تي عمل جي ڪري۔ (سيراعلام النبلاء،رقم:۲۷۴،ھبة الله بن الحسن،