Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

سان پيش ايندا ها جو انهن مان هر هڪ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ وارو بڻجي ويندو هو، جڏهن ڪو پاڻ کي سڏيندو هو ته پاڻ جواب ۾ لبيڪ (يعني مان حاضر آهيان) فرمائيندا ها، پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان پنهنجي حالت تي جيڪڏهن غور ڪريون، ته اسان جا گھر وارا،  رشتيدار مطلب ته اسان سان تعلق رکڻ واريون اسان جي بُري اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري پريشان نظر اينديون آهن، ڇوته ڪڏهن اسان اڙي اوئي سان گفتگو ڪنديون آهيون ته ڪڏهن اسان ٻين سان لڙائي جھيڙو  ڪندي نظر اينديون آهيون، ڪڏهن ڪنهن جي غيبت، چغلي ۽ دل آزاري ڪندي نظر اينديون آهيون، ته ڪڏهن گھر ۾ والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن سان اٽڪندي نظر اينديون آهيون، ڪڏهن دوستياڻن سان بي رُخي ۽ بدسُلوڪي ڪندي نظر اينديون آهيون، ته ڪڏهن ٻارن سان اجائي سختي سان پيش اينديون آهيون، ڪڏهن گھر وارن سان جھيڙو ڪندي نظر اينديون آهيون ته ڪڏهن پاڙي وارين تي ناراضگي جو اظهار ڪنديون آهيون، ڪڏهن وري پنهنجي رشتيدارن سان قطع تعلقي ڪنديون آهيون، مطلب ته بدقسمتي سان نه اسان ظاهر ۾ سُنّتِ مُصطَفٰي جون پابند آهيون نه ڪردار ۾ اخلاقِ مُصطَفٰي جون پيڪر آهيون، اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي زندگي حضور نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرتِ طيبه جي مطابق گذاريون، جيئن ته

      اسان جي رَبِّ ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو:

لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ (پ۲۱،الاحزاب:۲۱)    

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ توهان لاءِ رسول الله جي پيروي بهتر آهي۔

  مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا: معلوم ٿيو ته ڪامياب زندگي اها ئي آهي جيڪا اُنهن جي نقشِ قدم تي