Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! انسان جنهن سان محبت ڪندو آهي ان جو ڪثرت سان ذڪر ڪندو آهي، ان جي نقش قدم تي هلڻ، ان جي ادائن کي اپنائڻ ۽ قول ۽ فعل ۽ عمل ۾ ان جي نقل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي ڇوته محبوب جي ادائن کي پسند ڪرڻ ۽ اپنائڻ ئي محبت جي نشاني ۽ محبت ۾ سچائي جو دليل هوندو آهي۔ جيئن ته اسان به پنهنجي پياري پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪريون ٿا، اسان کي پنهنجي محبت جي سچائي کي پرکڻ جي لاءِ غور ڪرڻ گھرجي ته اسان پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري سُنَّتن ۽ نِرالي ادائن کي ڪيتري حد تائين اپنايون ٿيون؟ اڄ جي بيان ۾ اسان پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪجھ پياري پياري ادائن ۽ سُنَّتن مثال طور پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳالهائڻ جو انداز