Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ  

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت۔ رَبِيعُ الاَوَّل جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي، هر پاسي مٺي مٺي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ترانا آهن ۽ هر پاسي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪمالات جو تذڪرو ڪيو پيو وڃي، انهيءَ مناسبت سان آئنده هفتي جي بيان ۾ سرڪارِ دوعالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت جي باري ۾ واقعا ۽ حڪايتون ۽ کوڙ اهم ڳالهيون بيان ڪيون وينديون۔ لهٰذا! آئنده اربع تي به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين اسلامي ڀينرن کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو