Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

ويهڻ جو ن سُنتون ۽ آداب

  ٭ پلٿي هڻي (چار زانو)ويهڻ  نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ثابت آهي۔ ٭ جتي ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ هجي اتي نه ويهو۔ حضرت سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽ ان تان ڇانوَ ختم ٿي وڃي ۽ هو ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ ۾ رهجي وڃي ته ان کي گهرجي ته ان جاءِ تان اٿي وڃي۔ (ابو داود،ڪتاب الادب،باب في الجلوس بين الظل و الشمس، حديث ۴۸۲۱، ج۴،ص۳۳۸) ٭ قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهو۔ (رسائل عطاريه حصو 2 ص 229) اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، مولانا احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: پير ۽ استاد جي جاءِ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاويٰ رضويه، ج 24 ص 369، 424) ٭ جڏهن به اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڌو جتي جڳهه ملي اتي ئي ويهي رهو۔ ٭ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ويهو توهان جي پيرن کي آرام ملندو۔ (جامع صغير ،حديث:۵۵۴،ص۴۰ ) ٭ مجلس مان فارغ ٿي ٽي ڀيرا هيءَ دعا پڙهو ته گناهه معاف ٿي ويندا ۽ جيڪا اسلامي ڀيڻ ڀلائي ۽ ذِڪر واري مجلس ۾ پڙهي ته ان جي لاءِ خير تي مهر لڳائي ويندي، اها دعا هي آهي؛ ’’سُبْحَانَک اللّٰھُمَّ وَبِحَمْدِک لَا اِلٰه اِلَّا اَنْتَ اَسْتَغْفِرُک وَاَتُوْبُ اِلَيک‘‘ ترجمو:  تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ اي الله! سڀ خوبيون تنهنجي لاءِ ئي آهن، تو کانسواءِ ڪو معبود ناهي، توکان بخشش گهران ٿو ۽ تو ڏانهن توبهه ڪريان ٿو۔ (سنن ابي داؤد،ڪتاب الادب، باب في ڪفارة المجلس، الحديث: ۴۸۵۷، ۴/۳۴۷) ٭ جڏهن ڪو ماءُ پيءُ اچن ته تعظيم لاءِ اُٿي بيهڻ ثواب آهي۔ ٭  

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل