Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

عَنْه) فرمائن ٿا: ڪاش مان فضول ڳالھ ڪرڻ کان گونگو هجان ها۔ (مراٰة المناجيح ،۸/۸۱ بتغير قليل)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاموشي کي ڪيتري قدر پسند ڪندا هئا، ۽ بِلا ضرورت ڪو ڪلام نه ڪندا هئا جيڪڏهن پنهنجي مبارڪ زبان کي حَرَڪت ڏيندا هئا ته الله پاڪ جي ذڪر جي لاءِ، ان جي احڪامات کي بيان ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي ازواجِ مطهرات جي دل جوئي جي لاءِ، پنهنجي پياري صحابه جي مدني تربيت فرمائڻ جي لاءِ، ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته فضول گوئي کان هر دم بچنديون رهون، اچو! فضول گفتگو کان بچڻ جي فضيلتن تي ٻه فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿيون:

فرمانِ مصطفٰي

(1)   ارشاد فرمايائون: جيڪو الله پاڪ ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته چڱي ڳالھ ڪري يا ماٺ رهي۔ (مسلم ، ڪتاب الايمان ،باب الحث علي اڪرام الجار...الخ، ص ۴۸،حديث:۱۷۴)

(2) ارشاد فرمايائون: ٻانهو ان وقت تائين ايمان جي حقيقت نٿو ماڻي سگھي جيستائين پنهنجي زَبان کي روڪي نه رکي۔ (المعجم الاوسط ،حديث: ۶۵۶۳، ۵/۵۵)

یارب! نہ ضَرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں                                   اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حَشْر پھنسا دے                              اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

ہر لَفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دوں گا                              اللہ زَباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

(وسائل بخشش مرمَّم ،ص۹۳)

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: