Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

حديث:۲۲۲۳۲) ۽ وڏي خيانت اها آهي ته توهان پنهنجي ڀاءُ کي اهڙي ڳالھ چئو جنهن ۾ اهو توهان کي سچو سمجھي رهيو هجي جڏهن ته توهان ان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا هجو۔

پياري آقا جو پيارو ڪلام

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي پياري پياري آقا ،مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حَسِين ادائن مان هڪ پياري ادا اها به هئي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گفتگو پُر وقار انداز ۾ آهسته آهسته انداز ۾ ڳالھ ڪندا هئا۔ جيئن ته

اُمُّ المُومِنِين حضرت عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيو ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نهايت تيزي سان جلدي جلدي گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪ هوريان هوريان گفتگو ڪندا هئا، ڪلام ايترو صاف ۽ واضح هوندو هو جو ٻڌڻ وارا ان کي سمجھي ياد ڪري وٺندا هئا۔ جيڪڏهن ڪا اَهمّ ڳالھ هوندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي ڀيرا دهرائيندا هئا ته جيئن ٻڌڻ وارا ان کي چڱي نموني ذهن نشين ڪري وٺن۔ پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ضرورت بنا گفتگو نه ڪندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا۔ (الشمائل المحمدية،باب ڪيف ڪان ڪلام رسول الله، ص۱۳۴۔۱۳۵، حديث: ۲۱۳۔۲۱۴۔۲۱۵)

گفتگو (ڳالھ ٻولھ) بابت ڪجھ اهم نڪتا

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارڪ گفتگو جي باري ۾ اسان جيڪي ڪجھ پياريون پياريون ادائون ٻڌيون هن مان ڪجھ نڪتا حاصل ٿيا۔ ٭ پهريون نڪتو اهو آهي ته گفتگو ڪرڻ مهل آواز گھڻو تيز ۽ جلدي جلدي ۾ نه هجي جو هن سان ٻڌڻ واريءَ   جي لاءِ ڳالھ سمجھڻ مشڪل ٿي ويندي آهي۔ ٭ ٻيو نڪتو اهو آهي ته جڏهن به ڳالھ ڪريون ته آواز ايتري هوريان ۽ گھٽ نه هجي جو ٻڌڻ واريءَ تائين آواز نه پهچي يا پوءِ ان کي الفاظ ئي سمجھ ۾ نه اچن، اهڙي طرح گفتگو ڪرڻ ۾ ايتري قدر بلند آواز به