Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

علامت آهي۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب خصال المنافق،ص:۵۳، حديث:۲۱۰) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ وارا قِيامت جي ڏينهن، الله جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده اَفراد ۾ شامِل هوندا۔ (ڪنز العمال، ۱۶/۳۹، حديث:۴۴۰۳۷)

میں جُھوٹ نہ بولوں کبھی گالی نہ نِکالوں!                     اللہ مَرَض سے تُو گُناہوں کے شِفا دے!

ڪوڙ ڳالهائڻ مؤمن جو شان ناهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته سچ الله پاڪ ۽ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سڀ کان پسنديده ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ انتهائي ناپسنديده عادت آهي پر اسان جو معاشرو شايد ڪوڙ جي بغير ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ جي مبارڪ عادتن اپنائڻ گھرجي ها،   پر افسوس جي ڳالھ آهي ته اسان  اڄ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ٿيون گھر ۾ هجون ته ڪوڙ، سهيلن جي محفل ۾ هجون ته ڪوڙ، استاد آهيون ته تعليمي اداري ۾ ڪوڙ، طالبِ علم آهيون ته پنهنجي ڪلاس ۾ ڪوڙ، ماءُ پيءُ آهيون ته ٻارن سان ڪوڙ، اولاد آهيون ته والدين سان ڪوڙ،   خريدار آهيون ته سامان خريدڻ ۾ ڪو، هر ڪم ۽ ڳالھ ۾ ڪوڙ ڪوڙ ۽ ڪوڙ، ڄڻ ته اسان پنهنجي اها سوچ بڻائي ورتي آهي ته ”ڪوڙ جي بغير ڪم خراب ٿي ويندو يا نظامِ زندگي درهم برهم ٿي ويندو“ اهو ئي سبب آهي ته ڪي ماڻهو وڏي جرئت سان اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته  ڪوڙ جي بغير گُذارو ئي ناهي، ان جي بغير ڪم ناهي هلندو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪرڻ سان ڪم نٿا بڻجن بلڪ بگڙجي ويندا آهن، هن نافرماني سان نظامِ زندگي سنورجندي ناهي بلڪ اُجڙي ويندي آهي۔ تنهنڪري حقيقي مومن بڻجو ۽ هميشه سچ ڳالهايو، ڪهڙي ئي مُصيبت پوي، ڪنهن به مشڪل ۾ ڦاسي پئو پر ڪوڙ جو سهارو نه وٺو، ڇوته ڪوڙ ڳالهائڻ ڪنهن مومن مرد ۽ عورت کي زيب ناهي ڏيندو، اهو ئي سبب آهي ته اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: مومن جي فطرت ۾ خيانت ۽ ڪوڙ جي علاوه هر خصلت (عادت) ٿي سگي ٿي۔ (مسند احمد،مسند بزار،۸/۲۷۶،