Share this link via
Personality Websites!
جهانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي احد! رڪجي وڃ...!! توتي هڪ نبي، هڪ صديق ۽ 2 شهيد آهن. هي ٻڌڻ ئي هو ته احد جبل فوراً رڪجي ويو.[1]
ایک ٹھوکر میں اُحُد کا زلزلہ جاتا رہا رکھتی ہیں کتنا وقار اللہُ اکبر اَیڑیاں([2])
سُبْحٰنَ اللہ! مالڪ ۽ مختار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جا اختيارات ڏسو ته جبلن تي حڪم جاري آهي ۽ علمِ غيب جو شان به ڏسو ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ۽ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اڃا زنده آهن، دنياوي حيات سان گڏ حضور سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ موجود آهن، ڪيترن سالن کان پوءِ وڃي شهيد ٿيڻو هئائون پر غيب ڄاڻيندڙ نبي، مڪي مدني صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کي پهريان ئي معلوم هو ته عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به شهيد ٿيندا ۽ عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به شهيد ٿيندا.
صحابيءِ رسول حضرت ابوموسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم سان گڏ مديني جي باغن مان هڪ باغ ۾ هئس، هڪ شخص آيو، ان دروازو کڙڪايو، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم فرمايو: اِفْتَحْ لَهٗ وَ بَشِّرْهُ بِالْجَنَّۃِ ان لاءِ دروازو کول ۽ کيس جنت جي بشارت ڏيو. فرمائن ٿا: مون دروازو کوليو ته اهي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هئا، مون کين جنت جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. انهن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami