Share this link via
Personality Websites!
الله پاڪ ارشاد فرمايو:
مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ رِجَالٌ صَدَقُوْا
ترجموڪنزُ العرفان: مسلمانن ۾ ڪجھ اهڙا مرد آهن جن سچو ڪري ڏيکاريو.
(سيپارو: 21، الاحزاب: 23)
ڇا سچو ڪري ڏيکاريو؟
مَا عَاهَدُوا اللّٰهَ عَلَیْهِۚ-
ترجموڪنزُالعرفان: هن عهد کي جيڪو انهن الله سان ڪيو هو.
(سيپارو: 21، الاحزاب: 23)
تفسير جا عالم فرمائين ٿا: * حضرت عثمانِ غني * حضرت طلحه * حضرت سعد بن زيد * حضرت اميرِ حمزه * حضرت مصعب ۽ ڪجهه ٻين صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پنهنجي پاڻ تي اهو عهد ڪيو هو ته اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هميشه ثابت قدم رهنداسين، تان جو شهيد ڪيا وڃون. جيئن ته اهي پنهنجي ان واعدي تي آخري دم تائين قائم رهيا،[1] الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَمِنْهُمْ مَّنْ قَضٰى نَحْبَهٗ
ترجمو ڪنزُ العرفان: سو انهن مان ڪو پنهنجي باس پوري ڪري چڪو.
(سيپارو: 21، الاحزاب: 23)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami