Share this link via
Personality Websites!
قَسم! رت وهائڻ کان پهريان منهنجو شهيد ٿيڻ مون کي وڌيڪ محبوب آهي. منهنجي شهادت لکي وئي آهي ۽ رسولِ ذيشان، محبوبِ رحمان صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم مون کي ان جي خوشخبري ڏئي ڇڏي آهي. حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي غلامن کي فرمايو: جيڪڏهن توهان جنگ ڪئي ته به منهنجي شهادت ٿي رهندي.[1]
جو دِل کو ضِیا دے جو مُقدّر کو جِلا دے وہ جَلوۂ دِیدار ہے عثمانِ غنی کا([2])
وضاحت: حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اهي بلند مرتبي واري هستي آهن، جن جي ديدار جي برڪت سان دل روشن ٿيندي ۽ قسمت چمڪي ويندي آهي.
عثمانِ غني جي ابراهيم عَلَيْهِ السَّلام سان مشابهت
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مقام تي حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏو علمي نقطو بيان فرمايو آهي، لکن ٿا: هن محاصري دوران هڪ ڀيري حضرت امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنْه وٽ تشريف کڻي آيا، عرض ڪيائون: اي امير المؤمنين! اجازت ڏيو! اسان انهن باغين کي انهن جي انجام تائين پهچايون. حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: اي ڀائٽيا! گهر وڃو! آرام ڪريو! تان جو تقدير جو لکيل غالب اچي وڃي، لَا حَاجَۃَ لَنَا فِی اِہْرَاقِ الدِّمَاءِ اسان کي خون وهائڻ جي حاجت ناهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami