Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي هي ڪرڻ گهرجي، گناهه ڇڏيون، سچي پڪي توبه ڪريون، نيڪ ڪم ڪريون، پوءِ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضريءَ لاءِ هر وقت خوشيءَ سان تيار رهون.
هڪ خاص ڳالهه عرض ڪريان: اڄ اُمَّتِ مسلمه مجموعي طور تي زوال جو شڪار آهي، گهڻن هنڌن تي مسلمان ظلم سهي رهيا آهن، ان سڀني جو هڪ سبب موت سان نفرت به آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: جلد ئي قومون توهان تي ائين حملو ڪنديون، جيئن کائڻ واري ٿانوَ تي حملو ڪندا آهن، صحابهءِ ڪرام عليهم الرضوان پڇيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اسان ان وقت گهٽ هونداسين؟ فرمايائون: نه، ان وقت توهان جو تعداد تمام گهڻو هوندو پر ان وقت 2 برائيون هونديون: (1) دنيا جي محبت (2) موت کان نفرت.[1]
الله! الله! اڄ مسلمان اربين جي تعداد ۾ آهن پر زوال پزير آهن، مظلوميت آهي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ اسان جي دلين ۾ دنيا جي محبت وڌي وئي، آخرت جو شوق گهٽجي ويو. حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي صدقي الله پاڪ اسان کي آخرت جو شوق نصيب فرمائي، ڪاش! اسان کي الله پاڪ جي محبت نصيب ٿي وڃي، ان ئي محبت ۾ جيئون، ان ئي محبت ۾ دنيا مان هليا وڃون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami