Share this link via
Personality Websites!
جي طلب ۾ ته ناهي گذاري، جڏهن اهي ائين چوندا ته الله پاڪ ارشاد فرمائيندو: مَلَائِکَتِیْ اي منهنجا ملائڪو! اُتْرُکُوْهُمْ انهن کي ڇڏي ڏيو...!! فَاِنَّهُمْ لَا یَرْضِیْهِمْ غَیْرَ النَّظْرِ اِلٰی وَجْہِی بيشڪ هي منهنجي ديدار کانسواءِ ڪنهن به شيءِ کان راضي نه ٿيندا. [1]
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي انهن ماڻهن جو شان جن زندگي گذاري ته الله پاڪ سان ملاقات لاءِ تڙپندي گذاري، ربِ رحمان جي محبت ۾ زندگي گذاري، ان جي ديدار جو شوق رکي نيڪيون ڪندا رهيا. الله پاڪ اسان کي به انهن مان بڻائي! ڪاش! اسان کي آخرت جو فڪر، الله پاڪ سان ملاقات ۽ ان جي ديدار جو شوق نصيب ٿي وڃي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
بارگاهِ اِلٰهي ۾ حاضريءَ لاءِ تيار رهو!
هڪ ڀيري سيدي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ سوال ٿيو: (مومن جو شان هي آهي ته) موت لاءِ خوشيءَ سان تيار رهي، جيڪو گنهگار آهي اهو آخر ڪيئن خوشيءَ سان موت لاءِ تيار رهي سگهي ٿو (کيس ته خوف رهندو ته شال! ڪٿي موت نه اچي وڃي، ڪٿي گناهن تي منهنجي پڪڙ نه ٿي وڃي)؟
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جو تمام پيارو جواب ڏنو، فرمايائون: ان ٻانهي کي گهرجي ته گناهه ڇڏي، توبه ڪري ۽ خوشيءَ سان موت لاءِ تيار رهي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami