Share this link via
Personality Websites!
يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! توهان مخلوق جا حاڪم به آهيو، رزق ورهائيندڙ به آهيو، جيڪو ڪجهه به مليو آهي، توهان جي ئي صدقي مليو آهي، توهان تي ڪروڙين درود هجن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ اِسْمٰعِیْلَ٘-اِنَّهٗ كَانَ صَادِقَ الْوَعْدِ وَ كَانَ رَسُوْلًا نَّبِیًّاۚ(۵۴) وَ كَانَ یَاْمُرُ اَهْلَهٗ بِالصَّلٰوةِ وَ الزَّكٰوةِ۪-وَ كَانَ عِنْدَ رَبِّهٖ مَرْضِیًّا(۵۵) (سيپارو: 16، مريم: 54_ 55)
صَدَقَ اللهُ الْعَظِيم وَ صَدَقَ رَسُولُه النَّبِيُّ الْکَرِيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڪتاب ۾ اسماعيل کي ياد ڪر بيشڪ هو وعدي جو سچو هو ۽ غيب جون خبرون ڏيڻ وارو رسول هو ۽ هو پنهنجي گهر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو ۽ هو پنهنجي رب وٽ وڏو پسند ڪيل ٻانهو هو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لله! ذوالحجة الحرام جو مقدس ۽ مبارڪ مهينو جاري آهي، الله پاڪ هن مبارڪ مهيني ۾ ڪيل اسان جي عبادتن، رياضتن، قربانين کي پنهنجي فضل و ڪرم سان قبول فرمائي. الله پاڪ اسان سڀني تي پنهنجو خاص فضل و ڪرم فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami