Share this link via
Personality Websites!
قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):
اَتَاْمُرُوْنَ النَّاسَ بِالْبِرِّ وَ تَنْسَوْنَ اَنْفُسَكُمْ وَ اَنْتُمْ تَتْلُوْنَ الْكِتٰبَؕ-اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ(۴۴) (سيپارو: 1، البقرة: 44)
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم
ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان ماڻهن کي ڀلائي جو حڪم ڏيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساريو ٿا حالانڪه توهان ڪتاب پڙهو ٿا پوءِ ڇا توهان کي عقل ناهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سُورة بقرة جي آيت: 44 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيت مقدس جي شانِ نزول بابت هڪ روايت ته اها آهي جو هڪ ڀيري يهودي عالمن کان انهن جي مسلمان مائٽن پڇيو: ڇا اسلام سچو دين آهي؟ انهن جواب ڏنو: ها! اسلام سچو دين آهي، توهان ان تي قائم رهو. هڪ روايت اها مشهور آهي ته عرب جا بني اسرائيل سرورِ عالَم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي تشريف کڻي اچڻ کان اڳ اهلِ عرب کي سندن اچڻ جون خبرون ڏيندا هئا ۽ انهن کي هدايت ڪندا هئا ته جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف وٺي اچن ته سندن پيروي ڪئي وڃي. پوءِ جڏهن حضورِ انور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف وٺي آيا ته پاڻ انهن عالمن ئي پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو انڪار ڪري ڇڏيو.[1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami