Share this link via
Personality Websites!
ترجمو ڪنزالعرفان: اي يعقوب جي اولاد! ياد ڪريو منهنجو اهو احسان جيڪو مون توهان تي ڪيو ۽ منهنجو عهد پورو ڪيو مان توهان جو عهد پورو ڪندُس ۽ صرف مون کان ڊڄو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو!* حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن*حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا پوٽا آهن*سندن 12 پٽ هئا، هڪ حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ 11 انهن جا ڀائر*حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جو هڪ لقب اسرائيل به آهي، ان ڪري سندن اَوۡلاد کي يعني سندن جي انهن 12 پٽن کي، پوءِ اڳتي انهن 12 مان جيڪو نسل هليو، انهن سڀني کي بني اسرائيل چوندا آهن،[1]اسرائيل پنهنجي زماني جي گهڻي فضيلت واري قوم آهي*حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام کان پوءِ حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تائين ڪم و بيش (اڪثر) سڀ نبي بني اسرائيل ۾ تشريف کڻي آيا* 4 وڏن آسماني ڪتابن مان 3 ڪتاب:*تورات *زبور ۽ *انجيل، بني اسرائيل جي لاءِ ئي نازِل ٿيا*پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهِري زندگي مبارڪ ۾ به بني اسرائيل موجود هئا ۽ مديني پاڪ ۾ به رهندا هئا، هاڻي به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. اسان پهرئين سيپاري، سورت بقره جي آيت نمبر 40 ٻڌي، هن آيتِ ڪريمه کان وٺي پهرئين سيپاري جي آخر (يعني آيت: 141) تائين گهٽ وڌ 102 آيتن ۾ بني اسرائيل سان ئي خطاب آهي * انهن کي ايمان قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي * انهن تي جيڪي الله پاڪ جا انعام ٿيا ۽ ان جي مقابلي ۾ جيڪي انهن ناشڪريون ڪيون، جيڪي ڏوھ (جرم) ڪيا اهي کين ياد ڏياريا ويا ۽ * دعوت ڏني وئي ته هاڻي توهان سڌري وڃو! ۽ اسان جي پياري نبي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami