Share this link via
Personality Websites!
بارگاه الٰهي تائين رسائي جون 2 خصلتون
حضرت قتاده رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان مروي آهي ته حضرت مُطَرّف بن عبدالله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اسان اڪثر حضرت زيد بن صوخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ويندا هئاسين هُو چوندا هئا: اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! (هڪٻئي جي) عزت ڪيو ۽ چڱي سلوڪ کان پيش اچو ڇوته بارگاھ الٰهي تائين رسائي جو ذريعو 2 خصلتون يعني خوف ۽ اُمّيد آهن.[1]
مک جي مٿي برابر ڳوڙهي جي اهميت
سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن مؤمن جي اکين مان الله تعاليٰ جي خوف مان ڳوڙهو نڪري ٿو، توڙي جو مک جي مٿي جي برابر هجي، پوءِ اهو ڳوڙهو ان جي چهري جي ظاهري حصّي تائين پهچي الله تعاليٰ ان کي جهنّم تي حَرام ڪري ڇڏيندو آهي.[2]
خوف خدا سبب بيمار نظر ايندا هئا
منقول آهي ته حضرت داؤد عَلَيه السَّلَام کي ماڻهو بيمار خيال ڪندا هئا سندن عيادت ڪرڻ جي لاءِ ايندا هئا حالانڪه سندن هي حالت صرف خوفِ خدا جي سبب هوندي هئي.[3]
الله پاڪ اسان کي به خوفِ خدا جي نعمت نصيب فرمائي. ڪاش! اسان به معاشري جون بهترين انسان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami