Share this link via
Personality Websites!
يعني ملائڪن جيڪو مون کي ٻڌايو ان جي مطابق منهنجي امت ۾ بهترين ماڻهو اهي آهن جيڪي الله پاڪ جي رحمت جي وسعت ڏسي ڪري ماڻهن جي سامهون خوب خوش ٿيندا آهن. الله پاڪ جي خوف جي شدت جي بنياد تي لڪي ڪري روئيندا ۽ صبح ۽ شام الله پاڪ جو ذڪر ڪندا آهن.[1]
الله پاڪ کان خوف ۽ اميد ڪهڙي هجڻ گهرجي.
مسلمانن جي ڇوٿين خليفي حضرت علي المرتضي رَضِیَ اللهُ عَنْهَ پنهنجي شهزادي کي فرمايو: اي منهنجا پٽ! الله پاڪ کان اهڙي طرح خوف ڪر جو تنهنجي خيال ۾ جيڪڏهن تون تمام زمين وارن جون نيڪيون به ان وٽ آڻين ته اهو تو کان انهن کي قبول نه ڪري ۽ الله پاڪ کان اميد اهڙي طرح رک جو تون سمجهين ته جيڪڏهن تمام اهل زمين جون برايون به ان وٽ آڻين ته اهو توکي بخشي ڇڏيندو.[2]
مسلمانن جا ٻيا خليفه حضرت عمر فاروق اعظمرَضِیَ اللهُ عَنْهَ فرمائن ٿا ته جيڪڏهن آواز ڏنو وڃي ته هڪ انسان کان علاوه سڀئي جهنم ۾ هليا وڃن ته مون کي اُميد آهي ته اهو (جهنم کان بچي وڃڻ وارو) انسان مان هوندس ۽ جيڪڏهن آواز ڏنو وڃي ته هڪ انسان کان علاوه سڀئي ماڻهو جنت ۾ هليا وڃن ته مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي اهو (يعني جنت ۾ نه وڃڻ وارو) هڪ شخص مان نه هجان.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami