Share this link via
Personality Websites!
وٽ اچان ها. قرض خواھ چيو: بيشڪ الله پاڪ توهان جي اها رقم مون تائين پهچائي ڇڏي آهي جيڪا تو ڪاٺي ۾ رکي ڪري مون ڏي موڪلي هئي، جيئن ته اهو شخص هڪ هزار دينار کڻي خوشي مان واپس هليو ويو.[1]
(8) بهترين اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر واري
۽ ٻار ٻچن سان بهترين هجي.
رسول بي مثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ مغفرت نشان آهي: خَیْرُکُمْ خَیْرُکُمْ لِاَہْلِہٖ وَاَنَا خَیْرُکُمْ لِاَھْلِیْ يعني توهان مان بهترين اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن جي لاءِ بهترين هجي ۽ مان پنهنجي گهر وارن جي لاءِ توهان سڀني کان ڀلو آهيان.[2]
بهترين انسان اهو آهي جنهن جي
شر کان ماڻهو محفوظ رهن
رسول بي مثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خِیَارُکُمْ مَن یُّؤْمَنُ شَرُّہُ، وَ یُرْجٰی خَیْرُہ يعني توهان مان بهترين انسان اهو آهي جنهن جي شر کان محفوظ رهيو وڃي ۽ ان کان ڀلائي جي اُميد رکي وڃي.[3] حضرت علامه عبدالرؤف مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڀلائي جا ڪم ڪندو هجي ايستائين جو ماڻهن ۾ انهي حوالي سان سڃاتو ويندو هجي انهي شخص سان ڀلائي جي اميد رکي ويندي آهي، جنهن جون ڀلايون وڌيڪ هجن ته دليون ان جي شر کان محفوظ ٿينديون، جڏهن انسان جي دل ۾ ايمان مضبوط ٿيندو آهي ته ان کان ڀلائي جي اميد رکي ويندي آهي ۽ ماڻهو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami