Share this link via
Personality Websites!
نيڪ ماڻهو جو قرض ادا ٿي ئي ويندو آهي
حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني جنهن جي نيّت قرض وٺندي وقت ئي ادا ڪرڻ جي نه هجي، پهريان کان ئي حق مارڻ جو ارادو هجي، اهڙو انسان بي ضرورت به قرض وٺندو آهي ۽ ناجائز طور تي به. مطلب ته هيءَ حديث ڪيئي هدايتن تي مشتمل آهي ۽ تجربي مان ثابت آهي ته نيڪ انسان جو قرض ادا ٿي ئي ويندو آهي چاهي حياتي ۾ پاڻ ئي ادا ڪري يا موت کان بعد ان جا وارث ادا ڪن جيئن ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهَ حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحلت کان بعد حضور جن جو قرض ادا ڪيو، زره ڇڏرائي، جيڪڏهن هي به نه هجي ته قيامت جي ڏينهن ربّ ڪريم اهڙي مقروض جو قرض ان جي قرض خواھ کان معاف ڪرائي ڇڏيندو يا قرض خواھ کي قرض جي عيوض جنت جون نعمتون بخشي ڇڏيندو، بهرحال حديث شريف واضح آهي. هن تي هي اعتراض ناهي ته حضور انور، مديني جي تاجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي قرض ڇو رهجي ويو هو، اهو ربّ ڪريم ڇونه ادا ڪرايو ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهَ جو ادا ڪرڻ ربّ ڪريم جي ئي طرفان هو.[1]
حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بني اسرائيل جي هڪ شخص ٻي شخص کان هڪ هزار دينار اُڌار گهريا. ان چيو: توهان ڪنهن گواھ کي وٺي اچو ته جيئن اهو هن قرض تي گواھ بڻجي. قرض گهرڻ واري چيو ته الله جو گواھ هجڻ ڪافي آهي. ٻي شخص چيو: پوءِ تون ڪنهن ڪفيل کي وٺي اچ، ان جواب ڏنو: الله پاڪ جو ڪفيل هجڻ ڪافي آهي. ان تي ٻي شخص چيو ته تون سچ ٿو چئين، پوءِ اُن هڪ مقرر مدت تائين ان کي هڪ هزار دينار اُڌار ڏئي ڇڏيا. قرض وٺڻ وارو شخص پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ دريائي سفر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami