Share this link via
Personality Websites!
(7) بهترين شخص اُهو آهي جيڪو قرض چڱي طرح ادا ڪري
نبي اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّ خِیَارَالنَّاسِ اَحْسَنُہُمْ قَضَاءً بهترين شخص اهو آهي جيڪو قرض چڱي طرح ادا ڪري.[1]
مشهور مفسِر قرآن، حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن مان ڪجھ مسئلا معلوم ٿيا هڪ هيءُ ته جيڪڏهن مقروض بغير شرط لڳائي قرض کان ڪجھ وڌيڪ ڏئي ڇڏي وصف (مثلاً: کوٽو جي جڳھ تي اصلي روپيو واپس ڪرڻ) جي زيادتي هجي يا تعداد (مثلاً: 30 روپئي جي بدران 40 روپيا واپس ڪرڻ) ۾ اهو وياج ناهي. وياج اهو آهي جيڪو قولاً يا عادتاً مشروط هجي. (مفتي صاحب وڌيڪ لکن ٿا:) ٻيو اهو ته (مقروض) قرض خواھ کي خوش دلي سان قرض ادا ڪري.[2]
نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ماڻهن جو مال قرض وٺي جنهن جي ادا ڪرڻ جو پڪو ارادو رکي ته الله پاڪ ان کان ادا ڪرائي ڇڏي ٿو ۽ جيڪو ان کي برباد ڪرڻ جو اِرادو ڪري ته الله پاڪ ان تي بربادي وجهي ڇڏي ٿو.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami