Share this link via
Personality Websites!
(4) بهتر اهو شخص آهي جيڪو الله پاڪ جي طرف سڏي
حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: خِیَارُ اُمَّتِیْ مَنْ دَعَا اِلَی اللّٰہِ تَعَالٰی وَحَبَّبَ عِبَادَہُ اِلَیْہِ يعني منهنجي امت ۾ بهتر اهو شخص آهي جيڪو الله پاڪ جي طرف سڏي ۽ ماڻهن کي الله پاڪ جو محبوب بڻائي.[1]
(5): بهتر اهي آهن جن کي دير سان ڪاوڙ اچي ۽
جلدي ختم ٿي وڃي
حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَجو فرمانِ عاليشان آهي:
اَلَا وَ اِنَّ مِنْہُمْ اَلْبَطِیئَ الْغَضَبِ سَرِیْعَ الْفَیْئِ، وَ مِنْہُمْ سَرِیْعَ الْغَضَبِ سَرِیْعَ الْفَیْئِ، فَتِلْکَ بِتِلْکَ،اَلَا وَ اِنَّ مِنْہُمْ سَرِیْعَ الْغَضَبِ بَطِیْئَ الْفَیْئِ اَلَا وَ خَیْرُہُمْ بَطِیْئُ الْغَضَبِ سَرِیْعُ الْفَیْئِ اَلَا وَ شَرُّہُمْ سَرِیْعُ الْغَضَبِ بَطِیْئُ الْفَیْئِ
يعني ۽ آگاھ ٿي وڃو ته (ماڻهن ۾) ڪجھ اُهي آهن جن کي دير سان ڪاوڙ ايندي آهي ۽ جلدي ختم ٿي ويندي آهي ۽ بعض کي جلدي ڪاوڙ ايندي آهي جلدي ختم ٿي ويندي آهي ته هي ان جو بدلو آهي، ٻڌي وٺو! انهن مان ڪجھ کي جلدي ڪاوڙ ايندي آهي دير سان ختم ٿيندي آهي، ٻڌي وٺو! انهن مان بهتر اهو آهي جن کي دير سان ڪاوڙ اچي ۽ جلدي ختم ٿي وڃي ۽ برا اهي آهن جن کي جلدي ڪاوڙ اچي دير سان ختم ٿي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami