Share this link via
Personality Websites!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خصوصيتن مان ٽئين خصوصيت هي آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه امت ۾ سڀ کان وڏا حيادار آهن. حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه روايت ڪن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حياء ايمان مان آهي ۽ عثمان منهنجي امت مان سڀ کان وڌيڪ حياء ڪرڻ وارو آهي. (جامع صغیر، صفحہ:253، حدیث:3869۔) مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو فرمان آهي: بند ڪمري ۾ غسل ڪيان ٿو ته الله پاڪ کان حياء جي ڪري سمٽجي وڃان ٿو. (با حیا نوجوان، صفحہ:9 ۔)
پياراپيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به پنهنجي حياء جو معيار چيڪ ڪرڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: حياء جيتري به هجي چڱي آهي. (مسلم، کتاب الایمان، باب بیان عدد شعب الایمان، صفحہ:39، حدیث:37۔) افسوس اهو آهي ته اسان وٽ هڪ تعداد آهي جيڪي اتي حياء ناهن ڪندا جتي حياء ڪرڻ گهرجي ۽ اُتي حياء ڪندا آهن جتي حياء نه ڪرڻ گهرجي. جتي گناھ ٿيندا آهن اُتي حياء ڪرڻي پوندي آهي، اهڙي طرح بي پردگي ۽ بدنگاهي ۾ حياء ڪرڻي هوندي آهي ته منهنجو رب مونکي ڏسي رهيو آهي. منهنجو ڇا بڻبو!! حياء جو سڀ کان وڌيڪ حق اهو ئي آهي ته اسان الله پاڪ کان حياء ڪيون، پر اسان جو حال هي آهي ته اسان گناهن جي ڪمن ۾ حياء ناهيون ڪندا. ان جي برخلاف بعض اوقات جتي نيڪي جو ڪم هوندو آهي اُتي معاذالله اسان کي شرم ايندي آهي، ڏاڙهي رکڻي هجي ته شرم ايندو آهي، عمامو ڇونه ٻڌو؟ شرم اچي ٿو، زلف رکو! نه شرم اچي ٿو، نيڪي جي دعوت ڏيو! نه شرم اچي ٿو. حالانڪه شرم اُتي ڪرڻ گهرجي جتي گناھ جو ڪم هجي، پر افسوس اسان کي اُتي شرم نٿو اچي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami