Share this link via
Personality Websites!
حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارف
اي عاشقانِ رسول! مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام وڏي رتبي وارا آهن، * پاڻ عشرۂ مبشره (يعني انهن 10 صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان مان آهن جن کي رسول اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ئي ۾ خصوصيت سان جنّت جي بشارت ڏني،) ڏني هئائون * سندن مبارڪ نالو عثمان * ڪنيت ابوعمر ۽ ابو عبدالله آهي * عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي هڪ فضيلت هي به حاصل آهي ته پاڻ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پڦيء سائڻ حضرت اُمِّ حڪيم رَضِىَ اللهُ عَنۡها جا ڏوهٽا آهن ( يعني پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پڦيء حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ناني هئي) *حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي 18 ذُوالحِجَّةِ الحرام 35ھ تي نهايت مظلوميت سان شهيد ڪيو ويو۔([1])
امام الاَسْخِیا کر دو عطا حِصّہ سخاوت کا قناعت ہو عنایت، دیں نہ دولت کی فراوانی
مجھے اپنی سخاوت کے سمندر سے کوئی قطرہ عطا کردو نہیں درکار مجھ کو تاجِ سلطانی([2])
حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون ڪجھ خصوصيتون
هونئن ته حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون ڪيئي فضيلتون آهن، البت اڄ اسان سندن ڪجھ خصوصيتون ٻڌڻ جي سَعادت حاصل ڪنداسين؛
پهرين خصوصيت: عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ذُو النُّورَين آهن
حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پهرين ۽ مشهور ۽ معروف خصوصيت هي آهي ته کين ذُوالنُّورَين (يعني ٻن نورن وارو) چيو وڃي ٿو، صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami