Share this link via
Personality Websites!
مصطفيٰ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي حصو وٺو! اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِين ۽ دُنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني مذاڪرو به آهي۔
الحمد لله! شيخ طريقت، رهبرِ شريعت، امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا، ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتّ بَرَکَاتُهُمُ العَالِيه هر ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات مدني چينل تي براه راست (Live) مدني مذاڪرو ڪندا آهن ، جنهن ۾ سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول ديني ۽ دنياوي مشڪلات جي حل جي لاءِ سندن بارگاھ ۾ سوال ڪن ٿا ۽ پاڻ ان جا عِلم ۽ حڪمت سان ڀرپور جواب ڏين ٿا۔ اوهان به هر هفتي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت بڻايو! اِن شَآءَ الله الڪرِيم! پاڻ ئي هن جون برڪتون ڏسي وٺندؤ۔
روزانو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي برڪت
حيدر آباد جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان اميرِ اهلسنت دَامَتّ بَرَکَاتُهُمُ العَالِيه جو مريد ته ننڍپڻ ئي کان هئس پر شيطان مون کي دُنيا ۾ ڦاسائي رکيو هو، منهنجي قيمتي زندگي غفلت ۾ گذري رهي هئي، خوش قسمتي سان هڪ ڏينهن هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي سان ملاقات ٿي، ان ٻڌايو: جيڪو اميرِ اهلسنت دَامَتّ بَرَکَاتُهُمُ العَالِيه جا بيان ٻڌي ٿو، پاڻ ان کان خوش ٿين ٿا۔ اسلامي ڀاءُ جو هي جملو منهنجي دِل کي وڻيو ۽ دِل ۾ مرشِدِ جي محبت جاڳي پئي، مون مڪتبة المدينه تان 50 مدني مذاڪرن تي مشتمل V.C.D خريدي ۽ رَوزانو هڪ مدني مذاڪرو ٻڌڻ لڳس۔ اميرِ اهلسنت دَامَتّ بَرَکَاتُهُمُ العَالِيه جي تاثير ڀري گفتگو جي برڪت سان گُنَاهن سان نفرت ٿيڻ لڳي ۽ نيڪين جي محبت دِل ۾ وڌڻ شروع ٿي، اڃا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami