Share this link via
Personality Websites!
مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضر صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان پاڻ ۾ گفتگو ڪري رهيا هئا ته ابوعبد الله (يعني عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه) ڪيترا خوش قسمت آهن، هو طوافِ ڪعبه جي سَعَادت حاصِل ڪري رهيا هوندا۔
صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جڏهن اها ڳالھ ڪئي ته سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ايئن نه آهي، عثمان جيڪڏهن سالن جا سال به مڪي پاڪ ۾ رهن، هو هر گز مون کان پهريان طواف نه ڪندا۔ ([1])
سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! ڪيتري نرالي محبّت آهي، حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه مڪه مڪرمه ۾ آهن، پاڻ کي چيو وڃي ٿو: طواف ڪريو! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه چون ٿا: پنهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پهريان هر گز طواف نه ڪندس۔
هوڏانهن محبوبِ خُدا، سرورِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي پياري صحابي جي محبّت تي ڀروسو ڪيترو آهي...!! پاڻ فرمائن ٿا: عثمان چاهي سالن جا سال به اتي رهن، تڏهن به هو منهنجي بغير طواف نه ڪندا۔ سُبحٰنَ الله!
الله پاڪ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي ڪروڙين رحمتن جو نزول فرمائي، سندن جي صدقي اسان کي به ڪمال عشقِ رسول، سُنّت سان محبت، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪمالِ اطاعت جو جذبو نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم: مدني مذاڪره
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، سُنّت سان محبت ڪرڻ ۽ اطاعتِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami