Share this link via
Personality Websites!
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
حضرت ابُو قِلابَه رَضِىَ اللهُ عَنۡه بيان ڪن ٿا: مان هڪ ڀيري ملڪ شام ۾ هئس، هڪ ڏينهن مون پراسرار آواز ٻڌو، ڪو پُڪاري رهيو هو: هاءِ افسوس! منهنجي لاءِ جهنّم آهي، هاءِ افسوس! منهنجي لاءِ جهنّم آهي، مون کي تعجب ٿيو ته آخر هي ڪير آهي؟ جو ايتري يقين سان چئي رهيو آهي ته منهنجي لاءِ جهنّم آهي۔ فرمائن ٿا: جنهن طرف کان آواز آيو پئي، مان اٿي ان پاسي ويس، اتي مون هڪ حيران ڪندڙ منظر ڏٺو؛ هڪ شخص آهي، جنهن جا ٻئي هٿ به ڪٽيل آهن، ٻئي پير به ڪٽيل آهن، ٻنهي اکين کان انڌو آهي ۽ منهن ڀر زمين تي اونڌو پيل آهي ۽ هر هر ائين چئي رهيو آهي: ”هاءِ افسوس! منهنجي لاءِ جهنم آهي۔“ هاءِ افسوس! منهنجي لاءِ جهنّم آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami