Share this link via
Personality Websites!
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ ادا ڪهڙي آهي۔ ڪاش...! اسان کي به حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه جهڙو عشقِ رسول نصيب ٿي وڃي، اسان کي به اهڙي خوبصورت سوچ ملي وڃي ۽ اسان به سُنّتِ مصطفيٰ جي هلندڙ ڦرندڙ تَصوِير بڻجي وڃون۔
فنا اتنا تو ہو جاؤں میں تیری ذات عالی میں جو مجھ کو دیکھ لے اس کو ترا دیدار ہو جائے([1])
آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پهريان طواف نه ڪيائون
اي عاشقانِ رسول! هن موقعي تي هڪ ٻيو وڏو ايمان افروز معاملو پيش آيو، ٿيو ايئن جو جڏهن حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه مڪي پاڪ ۾ هئا، سندن سوٽ اَبان بن سعيد کين چيو: ياابنِ عَمِّ طُف! اي سوٽ! طواف ڪري وٺو...!! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: اي ابان بن سعيد! اسان جا هڪ رسول آهن، هڪ محبوب آهن، اسان ڪو به ڪم پنهنجي مرضي سان ناهيون ڪندا، سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڳ ۾ ڪندا آهن ، اسان جيڪو به ڪندا آهيون ، سندن پيروي ئي ۾ ڪندا آهيون۔([2])
رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اڳيان وڌڻ منع آهي
سُبحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به اهڙو عشقِ رسول، اهڙي ڪمال محبّت نصيب فرمائي، ڪاش! اسان به پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ آه! اڄڪلھ ماڻهو عقل جا گھوڙا ڊوڙائن ٿا، قرآن و حديث جي تعليمات کي عقل جي ترازو تي ماپن ٿا، فيشن پرستي ۾ اهڙا ڦاٿل آهن جو سُنّتِ مصطفيٰ کي اپنائڻ ته رهيو پري،سُنتن جي معلومات به حاصِل نٿا ڪن۔ ڪاش! اسان سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سچّا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami